ڀنڀو شاهه بادشاهه

ڀنڀو شاهه بادشاهه: سلطان ڀنڀو شاهه بادشاهه هڪ الله وارو بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي مزار شڪارپور ۾ واقع آهي. هينئر هن بزرگ جي نالي سان اهو محلو ئي ڀنڀو شاهه محلو سڏجي ٿو. سلطان ڀنڀو شاهه بادشاهه جي باري ۾ مشهور آهي ته هي بغداد جو سيد هو ۽ بغداد کان هتي آيل هو. سندس والد جي نالي جو پتو نٿو پوي ۽ نه ئي سندس ڄمڻ ۽ وفات جي تاريخ جي خبر پوي ٿي. شروع شروع ۾ هن مزار جو خدمتگار هڪ فقير هو، ان جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ فقير شاهنواز سومرو مزار جي سار سنڀال لهي ٿو. سندس مزار سان لڳ چار قبرون آهن، جن مان هڪ فقير قادر بخش سومرو جي آهي ۽ هڪ قبر ڀرپور شاهه نالي مست جي آهي، باقي ٻن قبرن جي باري ۾ پتو نٿو پوي.


لفظ ڀنڀو شاهه بادشاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو